حاجي شير محمد شاهه مهاجر مدني

حاجي شير محمد شاهه ’مهاجر مدني‘: حاجي شير محمد شاهه ولد سيد عارف شاهه گهوٽڪيءَ جو مشهور پير هو. هن بزرگ سڄي عمر باعمل گذاري. تجويد جو ماهر ۽ قاري هو. هيءُ ديوبند جي عالم مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو خليفه مجاز هو. اشرف علي ٿانويءَ جو چوٿون خليفو هو. 8-9 دفعا حج به ڪيائين. پر ديار حبيب خدا صلي الله عليه وسلم جي اشتياق کيس ويهڻ نه ڏنو ۽ پنهنجو مال متاع ڇڏي وڃي مديني ۾ رهيو.
سـندس تـصنيـفـن ۾: (1) ’الـقـول المنعـتـم فـي زڪـوات الـخـنـم‘، (2) ’جمال القرآن جو سنڌي ترجمو‘، (3) ’بهشتي زيور جو سنڌي ترجمو‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن 1958ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو